دشمن فلم

دشمن فلم

دشمن فلم

دشمن (فلم): هيءَ سنڌي فلم 18 مئي 1988ع تي سرمست آرٽ جي پيشڪش ۾ رليز ٿي. هن فلم جو ڪهاڻيڪار ۽ هدايتڪار ايس. واءِ. احمد، موسيقار غلام علي ۽ پروڊيوسر مظفر حسين هئا. فلم جا اداڪار منصور بلوچ، شڪيلا خان، منظور مراد، شيراز، شهنيلا قريشي، شهباز دراني، گلاب چانڊيو، ملڪ انوکو، مشتاق جسڪاڻي، انور سولنگي، نوري ۽ اي. آر. بلوچ هئا. هيءَ فلم نيو ميجسٽڪ سئنيما حيدرآباد، ايمپائر سئنيما لاڙڪاڻي، دلشاد سئنيما نوابشاهه، افشان سئنيما ڪراچي، نشاط سئنيما سکر، اسڪالا سئنيما ڪراچي، ٽالپور ٽاڪيز سئنيما خيرپورميرس، تصوير محل سئنيما ميرپورخاص، شهباز سئنيما ٽنڊي الهيار، افشان سئنيما شڪارپور، تاج محل سئنيما دادو، ڪوهه نور سئنيما نوشهري فيروز، نشاط سئنيما راڻيپور، ماروي سئنيما ڪوٽڙي ۽ ريوالي سئنيما راڌڻ ۾ پردي تي ڏيکاري وئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1988.05.18  عيسوي

هيءَ سنڌي فلم 18 مئي 1988ع تي سرمست آرٽ جي پيشڪش ۾ رليز ٿي.



مختلف - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

متوا
چؤگان
زميني کاڌ
ٽونٽا
خواب
پردو پڙدو
ايلاچي (ڦوٽو)
برني
حيات ڪوريءَ وارو تڪيو
چَڪُ 2:
مختلف ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون